ظفر سنڌي

ظفر سنڌي

ظفر سنڌي

ظفر سنڌي: ڪھاڻيڪار ۽ مترجم ظفر سنڌيءَ جو اصل نالو گل حسن لغاري آهي. هن منظور حسين لغاريءَ جي گهر ۾ 15 مئي 1969ع تي، موري ويجهو ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ جنم ورتو. زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان 1997ع ۾ پلانٽ بريڊنگ اينڊ جينيٽڪس ۾ MSc ڪئي. آڪٽوبر 1998ع ۾، موري شھر ۾ ”اپالو چلڊرين اسڪول“ کولي درس و تدريس جو ڪم شروع ڪيو. ھن لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪئي. سندس پھرين ڪھاڻي ”جر ۾ سپون جيئن“ عبرت مئگزين ۾ ڇپي. سندس 19 ڪھاڻين جو مجموعو ”ڀونءِ مان نڪتل ماڻھو“ آگسٽ 2000ع ۾ سنڌي ساھت گهر حيدرآباد پاران ڇپيو، ان کان علاوه هن پنج ڪتاب ترجمو به ڪيا، جن ۾ ”جديد سائنس حال ۽ مستقبل“ (آئزڪ اسيموف، جون 2005ع)، ”سائنس ۽ سماج“ (ڊاڪٽر سريو پرشاد گپتا، سيپٽمبر 2005ع)، ”يادگار شخصيتون“ جواھر لال نھرو (جنوري 2006ع)، ”سقراط“ ڪورا ميسن (سيپٽمبر 2004ع) ۽ ”سگمنڊ فرائيڊ“ (تورا ڪينه قاضي، مارچ 2005ع) سنڌي ساھت گهر حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرا ٿيا. ان کان علاوہ سندس 17 ڪھاڻيون ”بلاگ“ ويب سائيٽ تي ۽ ڪجهه ترجمو ڪيل ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آھن. فيبروري 2002ع ۾ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ ويب سائيٽ ذريعي ”سنڌيانه“ نالي سان پھرئين آن لائين سنڌي مئگزين جو بنياد وڌو. جنھن ۾ ڪھاڻيون، شاعري، مضمون ۽ ٻيو مواد اي ميل ذريعي سھيڙي گڏ ڪندو رھيو. ظفر ننڍي ھوندي کان ئي سياست ۾ پير پاتو. اسڪولي دور ۾ ”لطيف سنگت مورو“ جو صدر، مھراڻ ڊگري ڪاليج موري ۾ ”جساف“ جو جنرل سيڪريٽري ۽ زرعي يونيورسٽي ۾ ”جيئي سنڌ ترقي پسند اسٽوڊنٽ فيڊريشن“ جو ضلعي عھديدار رھيو. ڇھه سال جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي (قادر مگسي) ۾ رھيو.
ظفر سماجي رابطن واري ويبسائيٽ يوٽيوب ۽ فيسبڪ کي نظر ۾ رکندي 22 نومبر 2010ع تي ”موکي ميڊيا“ نالي نيٽ ورڪ جوڙي، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ طرفان نظرانداز ڪيل مواد کي دنيا تائين پھچائڻ جو ارادو ڪيو. ظفر انٽرنيٽ جي دنيا ۾ ڪافي عرصو ڪم ڪرڻ ۽ تجربي کان پوءِ آن لائين ويب سائيٽ (ڊومين) کپائڻ جو ڪم ڪيو ۽ يوٽيوب تي ڊاڪيومينٽري ۽ ٻيا وڊيوز ٺاھي ”سنڌي ولاگ“ نالي چينل تي اپلوڊ ڪيا. 30 جولاءِ 2020ع تي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ ٻيھر آن لائين مئگزين ”موکي ٽائيمز“ نالي ويب سائيٽ جوڙي، جنھن ۾ ھن تحريري خبرون، مضمون، ترجما ۽ ٻين مختلف موضوعن تي مواد رکيو، ھن ”موکي ٽائيمز“ مئگزين جي ٻولي اردو زبان ۾ رکي ته جيئن سنڌ جي مسئلن جو آواز دنيا تائين پھچائي سگهجي. 22 فيبروري 1993ع تي سندس شادي ٿي جنھن مان ٻن نياڻين ڪائنات ۽ خوشيءَ جو اولاد آهي. 08 ڊسمبر 2021ع تي ڪرونا سبب ڄام شوري ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.05.15  عيسوي

ڪھاڻيڪار ۽ مترجم ظفر سنڌيءَ جو اصل نالو گل حسن لغاري آهي. هن منظور حسين لغاريءَ جي گهر ۾ 15 مئي 1969ع تي، موري ويجهو ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ جنم ورتو.


2021.12.08  عيسوي

ظفر سنڌي 08 ڊسمبر 2021ع تي ڪرونا سبب ڄام شوري ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه بيگ ارغون
سر اليگزينڊر فليمنگ
احمد رضا بروهي
جاوتري
خيرو درس
سر سيد احمد خان
طيار
شهڪ ڏاڏو
ڀليڏنو کٽي
ڄام ڀرمل- I
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون